عالم چانڊيو

عالم چانڊيو: نامور حڪيم محمد عالم چانڊيو ولد اميد علي چانڊيو، 1901ع ڌاري ڳوٺ بُٺي، تعلقي ميرو خان، ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. ديني تعليم مير محمد نورنگاڻيءَ کان حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ طيبه ڪاليج دهليءَ مان طب جي تعليم پرايائين. ڪجهه وقت پنهنجي ڳوٺ ۾ مطب هلايائين. ڪجهه وقت بعد لاڙڪاڻي ۾ دواخانو کوليائين، ۽ اتي ئي سڪونت پذير ٿيو. محمد عالم چانڊيو پنهنجي ڌنڌي ۾ نهايت ڪامياب رهيو. ان کان سواءِ سياست ۾ به حصو ورتائين. خلافت تحريڪ ۽ مسجد منزل گاهه تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين. سياسي طور مسلم ليگ سان وابسته رهيو. ڪجهه وقت لوڪلبورڊ جو ميمبر به رهيو. محمد عالم چانڊئي طب ۾ تمام گهڻي مشهوري ماڻي. هن 22 نومبر 1972ع تي وفات ڪئي.


لفظ عالم چانڊيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو